شهباز گل ڄاڻي واڻي گرفتاري کان ڀڄي پيو: عدالت

شهباز گل ڄاڻي واڻي گرفتاري کان ڀڄي پيو: عدالت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد فوج خلاف بغاوت تي ماڻهن کي ڀڙڪائڻ جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.ايڊيشنل سيشن جج طاهر عباس سپرا 2 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شهباز گل اڳ جيان ٻيهر عدالت مان غير حاضر رهيو. هن گرفتاري وارنٽ ملتوي ۽ وڊيو لنڪ تي حاضري جي درخواست ڏني.عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته وڪيل صفائي موجب شهباز گل سخت بيمار آهي. عدالت نٿو اچي سگهي. اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي عدالت ۾ پيشي کان سواءِ ختم نٿي ڪري سگهجي. شهباز گل مخصوص وقت جي لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي. تفصيلي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پوليس شهباز گل خلاف اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي بابت رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. پوليس موجب شهباز گل کي رهائشگاهه تان گرفتاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. شهباز گل جي رهائشگاهه تي اشتهاري قرار ڏيڻ جو اشتهار پڻ لڳايو ويو آهي.عدالت چيو ته شهباز گل ڄاڻي واڻي پنهنجي گرفتاري کان ڀڄي رهيو آهي. عدالت کيس اشتهاري قرار ڏئي ٿي ۽ ان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ به جاري ڪيا ويا آهن. نادرا طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب شهباز گل جو سڃاڻپ ڪارڊ به بلاڪ ڪيو ويو آهي. عدالتي فيصلي ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر فيصل آباد ۽ اسلام آباد شهباز گل جي ملڪيت بابت رپورٽ 31 جولاءِ تائين جمع ڪرائين.

پهنجو تبصرو موڪليو