نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونديشن پاڪستان سان غربت جي خاتمي لاءِ 20 ڪروڙ ڊالر جي امداد فراهم ڪرڻ بابت ياداشت نامي تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم عمران خان پاران شروع ڪيل احساس پروگرام تي اها رقم 2020 ۾ خرچ ٿيندي. اقوام متحده جي اجلاس دوران سئيڊ لائن تي ٿيل ملاقات ۾ ان ڏس ۾ ياداشت نامي تي وزيراعظم جي معاون خصوصي ثانيه نشتر ۽ گيٽس فئونڊيشن جي عالمي شعبي جي انچارج ڪرس ايليس دستخط ڪيون. ان موقعي تي بل گيٽ ۽ عمران خان به موجود هئا. پاڪستان ۾ غربت گهٽائڻ واري پروگرام احساس هيٺ هلندڙ 134 منصوبن تي اها رقم خرچ ٿيندي.










