اسلام آباد (بيورو رپورٽ )نگران سيٽ اپ تي مشاورت لاءِ وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ ن جي 5 رڪني ڳالهين واري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻن تي ٻڌل ڪميٽي کي اهم ڪم سونپيو ويو آهي. ڪميٽي ۾ اياز صادق، سعد رفيق، خواجا آصف، احسن اقبال ۽ اسحاق ڊار شامل آهن.ڪميٽي پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي)، جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ)، متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) ۽ ٻين اتحادين سان ڳالهيون ڪندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم اتحادي پارٽين کي به ڳالهيون ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ن ليگ جي مذاکراتي ڪميٽي سڌو سنئون نواز شريف سان رابطي ۾ هوندي. ڪميٽي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۽ اتحادين سان ٻن اهم معاملن تي ڳالهيون ڪري رهي آهي، موجوده قومي اسيمبلي ڪڏهن ٽوڙي ويندي، اهو معاملو غور هيٺ آهي.










