سانگي ڦرهو ۾ ٽن ٻارن جي ماءُ مبينا زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

سانگي ڦرهو ۾ ٽن ٻارن جي ماءُ مبينا زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

ٽنڊوباگو(ن س) ٽنڊوباگو لڳ سانگي ڦرهو ۾ ٽن ٻارن جي ماءُ مبينا طور گهر اندر ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. تفصيل موجب ٽنڊوباگو ڀرسان سانگي ڦرهو ۾ گھرو پريشانين سبب 29 ورهين جي شادي شده ٽن ٻارن جي ماء شريمتي برمي زال پارو ڪولهي گھر اندر رسو ٻڌي مبينا طور خودڪشي ڪري ڇڏي. اطلاع تي ڏيئي پوليس پاران واقعي واري هنڌ پھچي لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقا اسپتال ٽنڊوباگو آندو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو