ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مشهور باربي ڪيو ۽ ڪڙاهي ريسٽورنٽ تي صحت لاءِ هاڃيڪار کاڌو کارايو پيو وڃي فوڊ اٿارٽي ريسٽورنٽ کي ڏنڊ هڻي سيل ڪري ڇڏيو تفصيل مطابق سنڌ فوڊ اٿارٽي صحت لاءِ هاڃيڪار ۽ مدي خارج کاڌي پيتي جي شين جي خلاف ڏنڊو کڻي ورتو اٿارٽي جي ضلعي سينترل جي ٽيم نارٿ ناظم آباد جي علائقي ۾ گل شنواري ريسٽورنٽ ۾ ڪارروائي ڪري ان کي سيل ڪري ڇڏيو اٿارٽي جي ڇاپي ۾ ريسٽورنٽ ۾ صفائي سٿرائي جي خراب صورتحال ڏٺي وئي ڪنو پاڻي بيٺو هو ۽ پاڻي جي نيڪال جو ڪو انتظام موجود نه هو باربي ڪيو ۽ ڪڙاهي جو گوشت تيار ڪرڻ ۾ به صحت لاءِ هاڃيڪار ڪچو مال استعمال ٿي رهيو هو لائن جي پاڙي وارو هنڌ ۽ ڪيميڪل ڊرم ۾ جيت به موجود هئا عملدارن انڪشاف ڪيو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي ڪارروائي کان اڳ 3 وارننگ نوٽيس جاري ڪيا هئا سنڌ فوڊ اٿارٽي مطابق گل شنواري واري ريسٽورنٽ جو لائسنس ختم ٿي چڪو هو ريسٽورنٽ کي سيل ڪري هڪ لک کان وڌيڪ ڏنڊ به ڪيو ويو آهي.










