ملير (درياخان شر) گلشن حديد جي ٽن يونين ڪائونسلز جي صفائي ڪندڙ عملو ٽن ڏينھن کان ھڙتال تي ويٺل، ڪراچي صفائي مهم رولڙي جو شڪار ٿي وئي. متاثرن احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙ ملازمن شھزاد فقيرا، گڊو عرف ميرجنيد، بابا صفدر، پروين ۽ خورشيد ميڊيا سان ڳالھيندي چيو ته اسان کي ٽن مهينن کان پگهارون نه مليو آھن ۽ اسان کي نه ڪا ميڊيڪل جي سھولت آھي.انتظاميا اسان سان نا انصافي ڪري رهي آھي اسان جي بيگناھ پگهار بند ڪري اسان جو جيئڻ جهنم بڻايو ويو آھي هنن چيو ته سرڪار نوٽيس وٺي انصاف ڪري. صفائي ڪندڙ عملو ڊيوٽي دوران مختلف بيمارين ۾ وٺجي وڃي ٿو ۽ تڙپي تڙپي فوت ٿي وڃن ٿا پر ڪا به ميڊيڪل سھولت نه ٿي ملي.










