وڏيري لڄ لُٽڻ جي ڪوشش ڪئي؛ بيواهه جي دانهن

وڏيري لڄ لُٽڻ جي ڪوشش ڪئي؛ بيواهه جي دانهن

ٽنڊومستي (رپورٽ نادر علي اڄڻ) خيرپور جي علائقي ٽنڊونظرعليءَ جي بيواهه عورت پاران ڳوٺ جي بااثر شخص پاران لڄالٽ ڪرڻ واري ڪوشش خلاف احتجاج ڪندي تحفظ فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي. خبر مطابق ٽنڊو نظر عليءَ جي رهواسڻ مسمات زرينه پنهنجي ٻارڙن سڄڻ ۽ ياسين سان گڏجي پريس ڪلب ٽبڊومستيءَ ۾ اچي احتجاج ڪيو. بي سهار عورت ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته سندس ڳوٺ جو وڏيرو لطيف ڏنو مري ڪجهه وقت کان کيس مخٿلف حيلن بهانن سان تنگ ڪندو رهيو ۽ جنسي طور حراسان ڪندو رهيو. سندس اهڙين حرڪتن جي دانهن مون ڳوٺ جي چڱي مڙس کي ڏني ته انهيءَ وحشي صفت وڏيري منهنجي گهر مٿان حملو ڪيو ۽ مونکي جنسي حوس جو نشانو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن تي مون شور مچايو ته پاڙي وارا گڏ ٿي ويا. جنهن بعد وڏيرو لطيف ڏنو مونکي ۽ منهنجي معذور نوجوان نياڻي کي نازڪ عضوا ڏيکاريندو هليو ويو. بيواهه عورت اها ڪهاڻي ٻڌائيندي روئيندي رهي ۽ چيو ته منهنجا ٻه ٻار ذهني معذور آهن ۽ هڪڙو ئي پٽ ڪمائيندو آهي جنهن جو سهارو به کسجي ويو آهي ڇو ته ڄاڻايل وڏيري پنهنجي دولت ۽ دٻدٻي جي زور تي اڪنامڪ زون پوليس هٿان منهنجي پٽ کي گرفتار ڪرايو ۽ مٿس ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي کيس خيرپور سينٽرل جيل ۾ قيد ڪرائي ڇڏيو آهي. وڏيري جي روئي سبب زندگي زهر بڻجي ويئي آهي گهر جو چلهو به نه ٿو ٻري معذور ٻچڙن جي بک برداشت نه ٿي ٿئي ڪمائڻ وارو  پٽ جيل ۾ هئڻ سبب پاڙي وارا الله جي نالي تي ٽڪر ڏيندا آھن  پني ٻچڙن کي کارائيندي آھيان. هن ايس ايس پي خيرپور، ڊي آء جي سکر، چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين وسوارن کي هٿ ٻڌي اپيل ڪئي ته وحشي صفت انسان خلاف قانوني ڪاروائي ڪري منهنجي پٽ  جي انڪوائري ڪري ڪوڙي ڪيس مان جان ڇڏرائي وڃي  اسان کي تحفظ فرام  ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ مان پنهنجي ٻچڙن سميت پاڻ مٿان گاسليٽ هاري باهه ڏئي ڇڏيندس

پهنجو تبصرو موڪليو