موبائل فون جي گيمن لاٽونءَ کي شڪست ڏئي ڇڏي

موبائل فون جي گيمن لاٽونءَ کي شڪست ڏئي ڇڏي

وڳڻ (علي مصطفئ بروهي) موبائل فون ۽ ڪمپيوٽر وسيلي کيڏجندڙ راندين جي ڪري سنڌ جون روايتي ٻاراڻيون رانديون وجود وڃائي ويٺيون. لاٽونءَ سان راند رهڻ واري ڪِرت کان اڄوڪا ٻار اڻ واقف ٿي ويا آهن. ان سلسلي ۾ ”سنڌ يار“ پاران ورتل ڳوڙهي جائزي جي نتيجي ۾ اها حقيقت سامهون آئي آهي ته ڪوڏي ڪوڏي، ونجهه وٽي، ٻِلهاڙو ۽ اِٽي ڏَڪر جهڙين ڀڄ ڊُڪ توڙي همٿ وارين راندين جو زوال ته گهڻو وقت اڳ اچي چڪو هيو پر لاٽونءَ جهڙي سولي ۽ سَهِنجي راند به تيزيءَ سان پنهنجو وجو وڃائي رهي آهي. لڳ ڀڳ هڪ ڏيڍ ڏهاڪو اڳ تائين ڪارآمد شيون جوڙڻ کانپوءِ بچي پوندڙ ڪاٺ جي ٽڪرن مان واڍا (دَکَڻ) لاٽون، لاٽوڻيون ۽ وڏي سائيز وارا کوپا ٺاهيندا هئا. جيڪي سستي اگهه ٻارن کي ڳوٺن توڙي شهرن جي دڪانن وسيلي ميسر ٿي پوندا هئا. لاٽن توڙي لاٽوڻين يا کوپن کي ٻار سُٽَ سان وَٽيل ڏور وسيلي ٻار پَٽَ تي هلائي راند ڪندا هئا. پَڪي فرش توڙي ڪچي پڌر تي لاٽن کي هلائڻ لاءِ انهن جي تَري ۾ لڳل بُونڊ ۾ سنهو پر مضبوط ڪوڪو ڪاريگريءَ سان لڳايو ويندو هيو. جنهن جي سهاري لاٽون گهڻي دير چڪر ڪٽيندو رهندو هو. لڳ ڀڳ ٻن ميٽرن يا لاٽونءَ جي ماپ جي حساب مطابق ڏور ويڙهي ٻار لاٽون ڦيرائڻ جا مقابلا پڻ ڪندا هئا. انهيءَ راند ۾ اهو ٻار ڪامياب سمجهيو ويندو هيو جنهن جو لاٽون گهڻي دير تائين چڪر ڪٽيندو رهندو هيو. جڏهن ته ڪيترائي ٻار لاٽونءَ کي پنهنجي هٿ جي تِريءَ تي هلائڻ جي مَهارت به سکي وٺندا هئا. لاٽونءَ جي ٻارن جي دنيا ۽ راندين ۾ اهميت هجڻ جي ڪري هڪ وڏي وقت تائين درسي ڪتاب ۾ ”آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون“ نالي گيت به شامل رهيو. جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ ٻارن ۾ اها راند ڪرڻ جو شوق وڌي ويندو هيو. پر موبائل فون جي ايپس ۽ ڪمپيوٽر جي سهاري کيڏجندڙ راندين جي ڪري ٻين راندين سان گڏ هاڻي لاٽونءَ ۽ لاٽوڻين سان کيڏجندڙ راند به ناپيد ٿي چڪي آهي. جنهن جي ڪري چئي سگهجي ٿو ته ٻاراڻين راندين جي ثقافت نئون روپ اختيار ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو