ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پ پ اڳواڻ سعيد غني اعتراف ڪندي چيو آهي ته منهنجي تحريڪ انصاف جي ميمبرن سان ملاقات ٿي جنهن دوران مون انهن کان ڪراچي جي ميئر لاءِ حمايت گهري آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون جنهن جو اعتراف ڪريان ٿو. اسان جي مٿان ڪابه پابندي نه آهي ته اسان پي ٽي آءِ ميمبرن سان ملاقات نٿا ڪري سگهون. سعيد غني چيو ته اسان پي ٽي آءِ يوسي چيئرمين کان التجا ڪنداسين ته ووٽ ڏيو. جيڪڏهن انهن ووٽ ڏنا ته انهن جي مهرباني جيڪڏهن نه ڏنا ته اهو انهن جو فيصلو هوندو. جنهن ڏينهن چونڊون ٿينديون ان ڏينهن اين آءِ سي وي ڊي جي ٽيم تيار رکنداسين. سعيد غني چيو ته جماعت اسلامي سپريم ڪورٽ وڃي رهي آهي. جيڪڏهن هي بنديال طرف ويا ته ٿئي سگهي ٿو ته انهن کي رليف ملي وڃي. ميئر لاءِ نامزد اميدوار مرتضي وهاب تنقيد ڪندي چيو ته حافظ نعيم ڪراچي جو پٽ نه آهي. مان سعيد غني ۽ عبدالله مراد ڪراچي ۾ پيدا ٿيا آهيون. حافظ نعيم جا ڪاغذ چيڪ ڪريو اهو ڪٿي پيدا ٿيو آهي؟ اسان کي خبر آهي ته هو پاڻ ڪراچي ۾ پيدا نه ٿيو آهي. حافظ نعيم پاڻ ٻڌائي ته اهو ڪراچي ۾ پيدا ٿيو آهي يا نه؟ مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان هميشه ڪراچي جي رهواسين جي خدمت ڪئي آهي. ايندڙ چار سال به اسان هتان جي عوام جي خدمت ڪندا رهنداسين.










