جي ايڇ ڪيو جو مونوگرام ٽوڙيندڙ جي سڃاڻپ ٿي وئي

جي ايڇ ڪيو جو مونوگرام ٽوڙيندڙ جي سڃاڻپ ٿي وئي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)9 مئي تي جي ايڇ ڪيو حملي ۾ ملوث هڪ ٻئي جوابدار جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي.حملي آور جي سڃاڻپ راجا دانش وحيد جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو راولپنڊي جو رهواسي هو.بدمعاش دانش وحيد ماڻهن کي ڀڃ ڊاهه تي ڀڙڪائيندو رهيو ۽ پاڻ لٺن سان جي ايڇ ڪيو جو مونوگرام ٽوڙي جي ايڇ ڪيو ۾ داخل ٿيو.شرپسندن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي پٿراءُ پڻ ڪيو.بدمعاش دانش وحيد به پيٽرول بم اڇلائڻ ۾ اڳڀرو هو.واضح رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري کانپوءِ 9 مئي تي مظاهرين جي ايڇ ڪيو، فوجي چوڪيون ۽ تنصيبات سميت سرڪاري ملڪيتن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو