سامونڊي طوفان جي شدت برقرار، آنڌاري ۽ ٻوڏ جو خطرو

سامونڊي طوفان جي شدت برقرار، آنڌاري ۽ ٻوڏ جو خطرو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مخلتف عالمي موسمياتي ماڊلز ۽ جوائنٽ ٽائفون وارننگ سينٽر موجب سائيڪلون بائي پر جواءِ هن وقت 150 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اتر هندي سمنڊ ۾ موجود آهي ۽ ايندڙ 24 ڪلاڪن تائين ان جي شدت ان ئي رفتار سان برقرار رهڻ جو امڪان آهي.رپورٽ موجب بائي پر جواءِ سائيڪلون ڪراچي کان تقريبن 910 ڪلو ميٽر ۽ ٺٽي کان 890 ڪلو ميٽر پري ڏکڻ ۾ موجود آهي ۽ پنهنجي مرڪز ۾ 150 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار برقرار رکيو پيو اچي، جنهن سان امڪاني طور سامونڊي علائقا تيز آنڌاري، سامونڊي طوفان ۽ ٻوڏ جي وڪڙ ۾ اچي سگهن ٿا.اين ڊي ايم اي اڳ ئي مئي ۾ باضابطا طور تي سامونڊي طوفان بابت اختيارين کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو ۽ سامونڊي علائقن ۾ طوفان بابت تياري جي قدمن کي فعال طور انجام ڏيڻ تي زور ڏنو هو.هوڏانهن اين ڊي ايم اي جي ايمرجنسي سينٽر ۾ عالمي ماڊلز ذريعي بائي پر جواءِ جي اڳڀرائي تي مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي، امڪاني اثرن کي نظر ۾ رکندي ماڻهن کي صلاح ڏني وئي آهي ته موسمياتي حالتن کان آگاهه رهو ۽ سمنڊن کان پري رهو، ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ مقامي اختيارين جي هدايت تي عمل ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو