ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ڊرون ايمبولينس تيار

ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ڊرون ايمبولينس تيار

خيرپور (ن س )خيرپور جي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ 2 شاگردن ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ايئر ايمبولينس ڊرون تيار ڪري ورتو آهي. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي فزڪس اينڊ اليڪٽرونڪس ڊپارٽمينٽ پاران يونيورسٽي ۾ سالياني سائنس ايڪسپو 2023ع منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شاگردن 26 پروجيڪٽ پيش ڪيا.جامعه جي پي آر او الطاف ابڙو موجب خيرپور يونيورسٽي ۾ فزڪس جي آخري سال جي شاگردن سامعيه ڀٽو ۽ توفيق نيسا ميراڻي سالياني سائنس ايڪسپو ۾ ايئر ايمبولينس، ڊليوري ڊرون جو ماڊل پيش ڪيو.ثميه ڀٽو جو چوڻ آهي ته ايئر ايمبولينس ٺاهڻ جو مقصد صحت جي شعبي ۾ ڊرون ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ آهي ته جيئن انهن ڊرونز کي انهن هنڌن تي موڪلي معلومات ملي سگهي جتي انسان نه پهچي سگهي پر ايئر ايمبولينس ڊرون ذريعي فرسٽ ايڊ پڻ پهچائي سگهجي ٿي.هن چيو ته هن ڊرون کي ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو ۽ موبائل فون يا ليپ ٽاپ جي مدد سان به هلائي سگهجي ٿو. ڊرون 1000 KV موٽر سان ليس آهي جيڪو 70 ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان 30 کان 40 منٽن تائين اڏامي سگهي ٿو.سامعہ ڀٽو موجب هي ڊرون 30 ڪلوگرام وزن کڻي سگهي ٿو ۽ ڊرون سان گڏ فرسٽ ايڊ باڪس پڻ لڳايو ويو آهي. ان ڪري ان کي ايئر ايمبولينس جو نالو ڏنو ويو آهي، جيڪا متاثر ماڻهن تائين امداد پهچائڻ جو ڪم ڪندي.هن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان هن ايئر ايمبولينس ۾ وڌيڪ طاقتور ڊرون موٽر نصب ڪيون ته اهو وڌيڪ وزن کڻي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو