ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم پي او جي تحت پي ٽي آئي ڪارڪنن جي نطربندي بابت درخواست تي گهرو سيڪريٽري، آئي جي سنڌ کي 14 جون لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا درخواست گذارن جي وڪيل مهه جبين ايڊووڪيٽ موقف ڏنو ته ٻنهي ڪارڪنن کي گهوٽڪي جيل ۾ بند ڪيو ويو آهي درخواست گذارن کي گهرن مان تحويل ۾ ورتو ويو ايم پي او نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي عدالت گهرو سيڪريٽري، آئي جي سنڌ کي 14 جون لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو عدالت ڌرين کان ايندڙ ٻڌڻي لاءِ جواب گهري ورتو.










