اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار گريڊ هڪ کان 16 جي ملازمن ۾ 35 سيڪڙو ۽ 17 کان 22 گريڊ جي ملازمن جي پگهار ۾ 30 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد جي حد تائين نجي ڪمپنين ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار 32 هزار مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت 20 سيڪڙو پگهار وڌائڻ جي سفارش ڪئي هئي جيڪا وزيراعظم رد ڪندي ان ۾ واڌ ڪئي. سرڪاري پينشنرز جي پينشن ۾ ساڍا 17 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اِي او بي آءِ پاران جني ڪمپنين جي ملازمن کي ملندڙ ماهوار پينشن ساڍا 8 هزار مان وڌائي 10 هزار ڪئي وئي آهي، سرڪاري ملازمن جي مائيليج الائونس ۾ پنجاهه سيڪڙو ۽ ڊيپوٽيشن الائونس 12 هزار مان وڌائي 18 هزار روپيا ڪيو ويو آهي. معذور ملازمن جي ڪنوينس الائونس کي 2 هزار مان ڊبل ڪيو ويو، فوجين جي ڪانونٽ الوائنس کي 7 هزار مان وڌائي 14 هزار ڪيو ويو، هائوس بلڊنگ فناس ڪارپوريشنز ۾ شهيد فوجين جي انهن بيواهن جن تي 10 لک قرض بقايا آهي اهو حڪومت ڀريندي، شهيدن جي پونئرن جي اسپيشل سيونگ سرٽيفڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جي وڌ ۾ وڌ حد 50 لک مان وڌائي 75 لک ڪئي وئي آهي. عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ شهين جي اسڪيم جي سيڙپڪاري تي منافعي جي شرح وڌيڪ آهي.










