اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي، دفاعي ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ پي ٽي آءِ جو مشن آهي.وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته تاريخ گواهه آهي ته ڪوبه غدار، سازشي ۽ پرڏيهي ايجنٽ پنهنجي ڪوڙ، ڌوڪي ۽ پروپيگنڊا سان هر ڀيري هر ڪنهن کي بيوقوف نٿو بڻائي سگهي. ملٽري ايڊ روڪرائڻ پاڪستان دشمني ايجنڊا 9 مئي آهي.هن چيو ته آمريڪي ملٽري ايڊ روڪرائڻ جي سازش 9 مئي سانحي جي هڪ ڪڙي آهي جيڪا اربين روپين جي پرڏيهي فنڊنگ ان مشن جي لاءِ ڪئي وئي. انهيءَ ئي پرڏيهي فنڊنگ سان ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر ميڊيا مهم هلائي وئي.مريم اورنگزيب چيو ته پرڏيهي فنڊنگ سان سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ ٺاهيو ويو جنهن سبب پاڪستان جا آئيني ۽ دفاعي ادارا ۽ انهن جي قيادت خلاف مهم هلائي پئي وڃي. پاڪ فوج جي قيادت ۽ شهيدن خلاف پرڏيهي ملڪن ۾ غلط پروپيگنڊا ڪيو پيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان دشمن ايجنڊا ۽ ان جي سهولتڪارن کي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي. عوام سياست ۽ ملڪ دشمني ۾ فرق جي سڃاڻپ ڪري چڪي آهي. سائفر ۽ 9 مئي هڪ ئي سازش جا 2 مرحلا آهن. سائفر جي نالي تي آمريڪا خلاف پروپيگنڊا ۽ 9 مئي کان پوءِ آمريڪا کان مدد جي خيرات، عوام کي سڀ خبر آهي.مريم اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام جون سخت شرطون ۽ پوءِ پي ٽي آءِ طرفان ڀڃڪڙي ساڳئي ايجنڊا جو حصو هو ته جيئن پاڪستان کي اهم قومي مفادن تي جهڪڻ لاءِ مجبور ڪري سگهجي. هن منظم سازشي ايجنڊا تي عملدرآمد جي لاءِ هڪ ڪٺ پتلي کي اقتدار تي مڙهيو ويو. اطلاعات واري وزير چيو ته سي پيڪ کي روڪيو ويو، ڪشمير جو سودو ڪيو ويو، دهشتگردن کي پناهه ڏني وئي، هاڻ ملٽري ايڊ روڪرائڻ جي مشن تي عمل ڪيو پيو وڃي. ساڳئي ايجنڊا تحت پاڪستان جي ويجهن، ڀروسي جوڳن ۽ هميشه ڪم ايندڙ دوست ملڪن کي ناراض ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا ۾ جاري نام نهاد انساني حقن جي مهم به اصل ۾ انهيءَ ايجنڊا جو حصو آهي ته جيئن پاڪستان جي عالمي امداد روڪرائي وڃي.










