ھيوسٽن(پ ر) اسين حيدرآباد جي حسين آباد ميونسپل ڪارپوريشن ٽائون جي چيئرمين طور عميرمولا بخش چانڊيو جي نامزدگي تي کيس مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ۽ پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت جا شڪر گذار آھيون. اھڙو اظھار پي پي آمريڪا جي نائب صدر ڪاشف سومرو جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آھي. ھن چيو تھ عمير چانڊيو جو ٻئي نسل تائين پيپلز پارٽي جو ساٿ آھي. سندس والد مولا بخش چانڊيو جمھوريت جي بحالي واري تحريڪ ۾ پارٽي لاءِ قربانيون ڏنيون ۽ فوجي آمر ضياالحق سان مھاڏو اٽڪايو، قيد ۽ بند جون تڪليفون برداشت ڪيون پر آڻ نھ مڃي. سندس قربانين جي سلي طور مولابخش چانڊيو کي صدر آصف علي زرداري سينيٽر ۽ قانون جو وفاقي وزير بڻايو. اھو عمل ثابت ڪري ٿو تھ پيپلز پارٽي جي قيادت وٽ قرباني ڏيندڙ ڪارڪنن جو قدر آھي. اميد تھ عمير چانڊيو پنھنجي والد جي نقش قدم تي ھلندي پارٽي لاءِ ڪنھن قرباني کان نھ ڪيٻائيندو ۽ عوام جي خدمت ڪري پنھنجو ڪردار نڀائيندو. اسين پي پي آمريڪا طرفان پيپلز پارٽي جي قيادت صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ادي فريال ٽالپر ۽ نثار احمد کھڙو جا شڪر گذار آھيون جن عمير چانڊيو کي نامزد ڪيو آھي.










