اسلام آباد(بيورو رپورٽ)هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي چيئرمين مختار احمد چيو آهي ته سرڪاري يونيورسٽيون هن وقت مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيون آهن.ڳالهائيندي چيئرمين ايڇ اي سي چيو ته وڏي وزير کي لکيو ويو آهي ته يونيورسٽين کي بجيٽ ۾ حصو ڏيڻ لاءِ چيو وڃي، ايڇ اي سي جي بجيٽ 6 سالن کان نه وڌي وئي آهي.مختار احمد چيو ته 30 کان 40 نيون يونيورسٽيون ٺاهيون ويون پر بجيٽ ساڳي آهي، 6 سالن ۾ يونيورسٽي ملازمن جي پگهارن ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.چيئرمين ايڇ اي سي جو چوڻ آهي ته صوبائي سطح تي ايڇ اي سي ٺاهڻ جي ضرورت ناهي، مالي بار وڌندو.هن چيو ته جيڪڏهن ايڇ اي سي کي صوبائي سطح تي ٺاهڻو آهي ته پوءِ اعليٰ تعليم کاتي کي بند ڪيو وڃي.










