اسڪول کي تالو هڻندڙ گرفتار، نوڪري ملڻ تائين هلڻ نه ڏيندس

اسڪول کي تالو هڻندڙ گرفتار، نوڪري ملڻ تائين هلڻ نه ڏيندس

ڳڙهي ياسين(ن س) ڳوٺ لعل بخش جي وانڍ  ۾ قائم گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جي استادن ۽ شاگردن کي ڳوٺاڻي غلام نبي سومرو  اسڪول مان ٻاهر ڪڍي اسڪول کي تالا هڻي قبضو ڪري ڇڏيو.  اسڪول مٿان ٿيل قبضي سبب استاد توڙي  شاگرد اسڪول ٻاهرا  نٽهڻ اس ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل رهيا. اسڪول جي قبضي بابت ٽي اي او ڳڙهي ياسين ۽ ڊي اي او شڪارپور کي اطلاع ڏنو ويو پر اطلاع باوجود تعليم کاتي جا ٻئي عملدار واقعي واري هنڌ نه پهتا جنهن کان پوءِ استادن  پ ٽ الف اڳواڻ دلشاد احمد ڀٽي ۽ ڪرن ٿاڻي جي پوليس اطلاع تي پهچي ڳوٺاڻي کي گرفتار ڪري اسڪول تي ٿيل قبضو ختم ڪرايو ان موقعي تي استادن علي نواز کوکر ۽ جاويد احمد ابڙو صحافين کي ٻڌايو ته هي اسڪول 1983 ۾ قائم ٿيو آهي  هن اسڪول ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم پرائيندا رهن ٿا پر گذريل هڪ سال کان وٺي ڳوٺاڻو غلام نبي سومرو اسڪول ۾ پڙهائيندڙ استادن کي مختلف طريقن سان هيسائي  ۽ ڌمڪائي ٻارن جو مستقبل تباهه ڪرڻ پيو چاهي. اڄ  جيئن ئي اسڪول ۾ داخل ٿيا سين ته ڳوٺاڻي  غلام نبي سومرو استادن ۽ شاگردن کي ڌڪا ڏئي تذليل ڪري اسڪول مان ٻاهر ڪڍي اسڪول کي تالا هڻي ڇڏيا. ان موقعي تي اسڪول کي تالا هڻندڙ ڳوٺاڻي غلام نبي سومرو ٻڌايو ته 1983 ۾ اسڪول لاءِ مون پنهنجي کاتي واري زمين ڏني هئي جنهن  عيوض مونکي تعليم کاتي پاران اسڪول ۾ چوڪيداري يا نائب قاصد جي نوڪري ڏيڻ جو  واعدو ڪيو هو جيڪو هن وقت تائين پورو نه ڪيو ويو آهي مون ڪيترائي ڀيرا ٽي اي او ڳڙهي  ياسين ۽ ڊي اي او شڪارپور کي لکت ۾ ۽ زباني چيو آهي پر مونکي ڪيترن ئي سالن ڪان آفيسن جا چڪر ڪٽرائي آسرا ڏنا ويا ۽ اسان جي اسڪول ۾ ڏوڪڙن عيوض ٻاهرن ماڻهن کي نوڪري ڏئي منهنجو حق ماريو ويو آهي ۽ نوڪري نه ٿي ڏني وڃي هن چيو ته جيسيتائين مونکي منهنجو حق نه ڏنو ويندو تيسيتائين اسڪول  هلڻ نه  ڏيندس.

پهنجو تبصرو موڪليو