مون کي ملڪ ۾ عام چونڊون وقت تي نظر نه پيون اچن: منظور وساڻ

مون کي ملڪ ۾ عام چونڊون وقت تي نظر نه پيون اچن: منظور وساڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ زراعت بابت صلاحڪار منظور حسين وساڻ عام چونڊن ۽ پرويز الاهي جي بابت نئين اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته مونکي ملڪ ۾ عام چونڊون وقت تي نظر نه پيون اچن، اليڪشن 6 مهينن کان 1 سال تائين ملتوي ٿي سگهن ٿيون, اڳ ۾ احتساب لاءِ وقت گهريو ويندو پوءِ ملڪ ۾ جنرل اليڪشن ڪرايون وينديون. منظور وساڻ جو پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان به اڳ ۾ احستاب پوءِ اليڪشن جو حامي هو هاڻي ائين ئي ٿيندو، عمران خان بند گهٽي ۾ ڦاسي چڪو آهي ۽ ان جي خاتمي جا ڏينهن ويجهو اچي ويا آهن. زراعت بابت صلاحڪار جو چوڻ هو ته پرويز الاهي تي ڪيسز ٺاهي ڪري ان کي خوامخواه اهميت ڏني پئي وڃي، ان کي اهميت نه ڏيڻ گهرجي، ٿي سگهي ٿو ته پرويز الاهي کي پي ٽي آئي جو سربراهه بڻايو وڃي، عمران خان سان گڏ هاڻي 5 کان 10 سيڪڙو به ماڻهو نه رهندا. منظور وساڻ جو چوڻ هو ته جهڙي طرح عمران خان کي رات جي انڌيرن ۾ آندو ويو هو انهيءَ طرح ان کي واپس ڪيو پيو وڃي، پي ٽي آئي جا ڪجهه اڳواڻ جيل ويندا ۽ ڪجهه لڪي ڪري ويهي رهندا، پي ٽي آئي ۾ اهڙا ماڻهو به هوندا جيڪي سپورٽر عمران خان جا پر ماڻهو ڪنهن ٻئي جا هوندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو