ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي نائب امير ۽ اڳوڻي پارلياماني ليڊر لياقت بلوچ چيو آهي ته75سال گذري وڃڻ باوجود پاڪستان جون سگهاريون قوتون ۽ سياستدانن ماضي مان سبق حاصل ڪيو آهي نه ئي حالتن کي سڌارڻ جي ڪا سنجيده ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪمزور ۽ هنگ پارليامينٽ ۽ اقليت کي اڪثريت ۾ تبديل ڪرڻ جي راند هاڻي بند ٿيڻ گهرجي،اڄ ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته ماضي جي غلطين مان سبق سکي عوامي راءِ جو احترام ڪيو وڃي، 2023ع جي چونڊن کان فرار جو رستو اختيار ڪيو ويو ته اهو قدم ملڪ ۽ قوم لاءِ سخت آزمائش جو سبب بڻجندو، ڳالهين ذريعي ئي سڀني مسئلن جو حل تلاش ڪرڻ گهرجي، عدالتون تڪرارن جي خاتمي ۽ آئين توڙي قانون جي حڪمراني لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پروفيسر عثمان رمز هڪ درويش صفت انسان هو جنهن جي فڪر جي بنياد اسلامي ۽ نظرياتي هئي، جنهن اقامت دين لاءِ اولهه پاڪستان ۾ به بي مثال قربانيون ڏنيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي سنڌ پاران قباءَ آڊيٽوريم ۾ اڳوڻي امير ڪراچي ۽ ايم اين اي پروفيسر عثمان رمز مرحوم جي خدمتن جي حوالي سان رٿيل سيمينار کي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي امير محمد حسين محنتي، سيد شهزاد مظهر، قيصر جميل ايڊوڪيٽ، جهانگير خان، عزير بيگ قاسمي، جاويد احمد خان، مجاهدچنا،مرحوم جي فرزند ڊاڪٽر طلحه سلمان، طلحه عدنان پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري محمد مسلم سميت ٻياسياسي سماجي اڳواڻ پڻ موجود هئا. لياقت بلوچ جو وڌيڪ چوڻ هو ته 73جو دستور اڄ به هڪ متفقه دستاويز آهي، پر افسوس جو پارليامينٽ ۽ حڪومت ان دستور جي پابندي نٿا ڪن، جنهن کي به ڪا تڪليف ٿئي ٿي يا ذاتي مفادن تي ضرب لڳي ٿي تڏهن کين قانون ۽ آئين ياد اچي ويندو آهي، ڪراچي جي عوام پنهنجي ووٽ جي طاقت سان ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جو ميئر آڻڻ جو فيصلو ڪيو ته عوام جي مينڊيٽ جو احترام ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي صوبائي امير محمد حسين محنتي خطاب ڪندي چيو ته مرحوم عثمان رمز شرافت ۽ امانت جو نشان هو جنهن جون تحريڪي خدمتون جماعت اسلامي جي ڪارڪنن لاءِ بهترين نمونو آهن، هو پنهنجي مقصد لاءِ آخري دم تائين جدوجهد ڪندو رهيو، پارليامينٽ کان ويندي هر فورم تي علم، حالتن جو فهم ۽ مدلل نقطه نظر سان شين کي پنهنجي تجربي جي آڌار تي پيش ڪرڻ هن جي خاصيت هئي، حقيقت ۾ مولانا مودودي رح جي فڪر جي روشني ۾ هڪ معياري ڪارڪن هو، جماعت اسلامي ۽ ٻين سياسي جماعتن جي ڪارڪنن لاءِ سندس زندگي هڪ رول ماڊل جي حيثيت رکي ٿي.










