اوگرا گيس جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اوگرا گيس جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) گيس ڪمپنين جي آمدني وڌائڻ جي لاءِ قيمت ۾ 50 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.اوگرا سوئي ناردردن ۽ سوئي سدرن گيس ڪمپني جون روينيو ضرورتون پوريون ڪرڻ جي منظوري ڏيندي صارفين لاءِ گيس جي قيمت 50 سيڪڙو وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سوئي ناردرن جي واهپيدارن لاءِ گيس جي قيمت ۾ 42 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن جي تحت واهپيدارن لاءِ گيس قيمتون 415 روپيه 11 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو وڌي وينديون ۽ اگهه 1238 روپيه 35 پئسا ٿي ويندو.ان کان علاوه اوگرا سوئي سدرن گيس ڪمپني جي صارفين لاءِ قيمت 417 روپيه في ايم ايم بي ٽي يو وڌائڻ جي به منظوري ڏني جنهن کان پوءِ سوئي ناردرن جي واهپيدارن جو في ايم ايم بي ٽي يو ريٽ 1350 روپيه 68 پئسا في يونٽ ٿي ويندو.اوگرا روينيو ضرورتون منظور ڪري حڪومت ڏانهن سمري اماڻي ڇڏي آهي. حڪومت اوگرا جي منظوري کان پوءِ قيمتون وڌائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو