اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهزاد اڪبر جي ڀاءُ مراد اڪبر جي بازيابي واري درخواست تي لکت ۾ ٻڌڻي جو حڪم جاري ڪيو ويو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ٻن صفحن تي ٻڌل حڪم جاري ڪيو.حڪم نامي ۾ چيو ويو ته عدالت کي ٻڌايو ويو ته مراد اڪبر جي گمشدگي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، دفاع، گهرو وزارت، ڊي آءِ جي آپريشنز چيو ته مراد اڪبر کي ناهي ورتو ويو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته رينجرز، سي ٽي ڊي ۽ پوليس چيو ته مراد اڪبر کي نه کنيو ويو، خبر پئي آهي ته اسلام آباد ۾ منظم گينگ سرگرم آهي.عدالت چيو ته گينگ سڪيورٽي ادارن جي يونيفارم ۾ ڏوهن ۾ ملوث آهي، اهڙين ڪاررواين کي منهن ڏيڻ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري آهي.شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي، سيڪريٽري گهرو، ڊي جي رينجرز، آءِ جي اسلام آباد سومر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيندا، جعلسازي خلاف ڌار ڌار ڪيس داخل ڪندي ايف آءِ آر جي ڪاپي عدالت ۾ جمع ڪرائيندي.










