مستقبل ۾ ٽيڪس فري بجيٽ نه ٿا ڏئي سگهون: پاشا

مستقبل ۾ ٽيڪس فري بجيٽ نه ٿا ڏئي سگهون: پاشا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي.هڪ بيان ۾ عائشه غوث پاشا چيو ته معيشت جي بگڙيل حالت کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ اڃا ڪجهه مهينا لڳندا، مستقبل جي بجيٽ ٽيڪس فري نٿي ڏئي سگهي، جيڪڏهن ٽيڪس روينيو نه وڌايو ويو ته خسارو بي قابو ٿي ويندو.هن چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ شامل آهي، بحيثيت قوم اسان کي هاڻي ان ئي رستي تي هلڻو آهي، نائين اليون جي مڪمل ٿيڻ لاءِ پراميد آهيون.عائشه غوث پاشا چيو ته ايم ڊي آءِ ايم ايف سان وزيراعظم جي ڳالهين جا هاڪاري نتيجا اچڻ جا امڪان آهن، اسٽاف ليول معاهدي کانپوءِ صورتحال بهتر ٿيندي، ايندڙ بجيٽ ۾ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو