ڪرسٽيانو رونالڊو سعودي ليگ جي مستقبل بابت ٻڌائي ڇڏيو

ڪرسٽيانو رونالڊو سعودي ليگ جي مستقبل بابت ٻڌائي ڇڏيو

رياض (ويب ڊيسڪ)پرتگال جي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو چيو آهي ته سعودي پرو ليگ دنيا جي 5 وڏين ليگز ۾ شامل ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن ان ۾ وڌيڪ مشهور رانديگر آيا.پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ انٽرويو دوران ڪرسٽيانو رونالڊو چيو ته جيڪڏهن وڏا نالي وارا، مشهور، نوجوان ۽ پراڻا رانديگر اچن ته اها سٺي ڳالهه هوندي ڇو ته ان سان ليگ ۾ بهتري ايندي.ڪرسٽيانو رونالڊو چيو ته سعودي پرو ليگ تمام سٺي آهي ۽ ان ۾ بهتري جي گنجائش آهي، ان ۾ سٺيون ٽيمون ۽ تمام سٺا مقامي فٽبالر آهن. ”مان هتي خوش آهيان، مان هتي پنهنجي راند جاري رکڻ چاهيان ٿو ۽ مان هتي کيڏندس،“ اسٽار فٽبالر چيو ته کين انفراسٽرڪچر بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ريفريز کي به ڪجهه تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ليونل ميسي سميت ڪيترائي مشهور رانديگر پنهنجي ڪيريئر جي خاتمي کان ڪجهه دير اڳ يا پوءِ سعودي ليگ ۾ شامل ٿي سگهن ٿا.پرڏيهي ميڊيا موجب ڊسمبر ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ ڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجو پهريون سيزن النصر سان مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ سندس ٽيم سعودي پرو ليگ ۾ ٻئي نمبر تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو