صباقمر جو ”پسوري“ گاني تي ڊانس، وڊيو وائرل

صباقمر جو ”پسوري“ گاني تي ڊانس، وڊيو وائرل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني فنڪاره صبا قمر جي مقبول ترين گاني ”پسوري“ تي ڊانس ڪندي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.ڊرامي انڊسٽري کي هڪ کان پوءِ سپر هٽ ڊراما ڏيڻ واري اداڪارا صبا قمر اداڪاري ۽ وولاگنگ کانپوءِ هاڻي هدايتڪاري جي ميدان ۾ به قدم رکيو آهي.صبا قمر ڀارت ۾ به پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن.تازو ئي اداڪاره صبا قمر هڪ پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي هئي، جنهن دوران هن ڪوڪ اسٽوڊيو جي مقبول ترين گاني ”پاسوري“ تي ڊانس ڪري ڪم جي ماحول ۾ فن جو اضافو ڪيو.صبا قمر کي ڊانس ڪرڻو هو ۽ اها وڊيو سوشل ميڊيا تي اچڻي هئي ته مداحن سندس ڪم، ڊانس ۽ اداڪاري جي ساراهه جا پل ٺاهي ڇڏيا آهن.مداحن هن پوسٽ جي ڪمنٽ سيڪشن ۾ چيو ته صبا قمر هر فنڪار آهي.ٻئي طرف صبا قمر سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ ايڊٽ ڪيل وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته منهنجي زندگي ۾ مشن رڳو زندهه رهڻ نه پر ڪجهه جذبو، ڪجهه شفقت، ڪجهه مزاح ۽ ڪجهه انداز سان اڳتي وڌڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو