راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته عوام دشمن جي ناپاڪ ارادن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، فوج سان محبت جو تازو مظاهرو ڪيو آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ڪوئيٽا گيريزن جو دورو ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جي آفيسرن کي خطاب ڪندي روايتي، غير روايتي ۽ پنجين نسل جي جنگ جي لاءِ آپريشنل تيارين تي زور ڏنو.ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته عوام ۽ فوج جي لاڳاپن کي ڪمزور ڪرڻ وارا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، پاڪ فوج هميشه پاڪستان جي بهادر ۽ قابل فخر عوام جي مقروض آهي.هن چيو ته عوام دشمن جي ناپاڪ ارادن کي پاڪ فوج سان محبت جو ڀرپور جواب ڏنو آهي.جنرل عاصم منير چيو ته اندروني عنصرن ۽ بيروني قوتن جو ڳٺ جوڙ بي نقاب ٿي چڪو آهي، اندروني ۽ بيروني عنصرن جو ڳٺ جوڙ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ هو، پاڪ فوج دنيا جي مضبوط قوتن مان هڪ آهي.










