ريويو ايڪٽ مان  نواز ۽ ترين فائدو نه کڻي سگهندا: تارڙ

ريويو ايڪٽ مان نواز ۽ ترين فائدو نه کڻي سگهندا: تارڙ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ريويو آف آرڊرز اينڊ ججمينٽ ايڪٽ مان نواز شريف يا جهانگير ترين فائدو نٿا وٺي سگهن. ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته نواز شريف ۽ جهانگير ترين پنهنجي سزان تي نظرثاني جو حق استعمال ڪيو آهي، ان ڪري کين ڪو به فائدو نه ٿو پهچي سگهي.هن چيو ته آرٽيڪل 184-3 ۾ عدالت جو فيصلو پهريون ۽ آخري تصور هو، اسان جي قانون ۾ ٻي نظرثاني يا ڪيوريٽو ريويو جي گنجائش ناهي، نئين قانون تحت اپيلن تحت عام ماڻهو کي رليف ملندو. قانون واري وفاقي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جي ريويو آف آرڊرز اينڊ ججمينٽ ايڪٽ 2023 تي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ باقاعده بحث ٿيو.هن چيو ته صدر جيڪو هر بل واپس موڪليندو هو، ترميمي قانون جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.اعظم نذير تارڙ چيو ته سپريم ڪورٽ ريويو آف آرڊرز اينڊ ججمينٽ ايڪٽ تحت ماضي جي ڪنهن به ڪيس ۾ نظرثاني داخل ڪرائي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو