لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو آهي ته جيل ۾ قيد عورتن سان قانون موجب ڪارروائي ڪري رهيا آهيون.محسن نقوي چيو ته عورتن سان بدسلوڪي بابت پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته جناح هائوس حملي ۾ جيڪو به ملوث هجي، چاهي ڪيترو به بااثر هجي، کيس بخش نه ڪيو ويندو.پنجاب جي نگران وڏي وزير وڌيڪ چيو ته اڃا تائين عمران خان کي نظربند ڪرڻ جو ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو.










