اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد، لاهور ۽ پشاور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي ڀرپاسي وارن علائقن کان علاوه مري، راولپنڊي، لاهور، سرگوڌا، خوشاب، چکوال اٽڪ ۽ فيصل آباد ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.ملڪ جي اترين ۽ مٿانهين علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.پشاور، سوات، صوابي، مالاڪنڊ، ايبٽ آباد، لوئر دير ۽ خيبرپختونخواهه جي شبقدر ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.آزاد ڪشمير جي شهر مظفر آباد ۽ ان جي آس پاس کان علاوه ديامر ۽ گلگت بلتستان جي مختلف علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.مختلف علائقن ۾ زلزلي سبب خوفزده ماڻهو کلمه طيبه جو ورد ڪندي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا، فوري طور ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.زلزلي مرڪز موجب زلزلي جي شدت 6 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جي گهرائي 223 ڪلوميٽر هئي ۽ مرڪز افغانستان-تاجڪستان سرحد هو.










