اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان جي ايٽمي ڌماڪن کي 25 سال مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دشمن هميشه قوتن ۽ عوام تي حملا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، قوم جو اتحاد ئي پاڪستان جي اصل ايٽمي طاقت آهي. يومِ تڪبير تي پنهنجو پيغام جاري ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف ڪنهن سپر پاور جي ڌمڪين جي پرواهه نه ڪئي ۽ نه ئي اربين ڊالرن جي آڇ کيس پنهنجي لوهي عزم تان هٽائي سگهي.وزيراعظم چيو ته اسان کي پاڪستان کي هاڻي معاشي طاقت بڻائڻو آهي، اڄ جو ايٽمي پروگرام معاشي ڪمزوري کي دور ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته دشمن هميشه قوتن ۽ عوام تي حملا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، قوم جو اتحاد ئي پاڪستان جي اصل ايٽمي طاقت آهي.ٻئي طرف يوم تکبير جي موقعي تي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته قوم اڄ يوم تڪبير جي سلور جوبلي ملهائي رهي آهي، پاڪستان جي ان ڪاميابي خطي ۾ طاقت جي توازن کي نئين شڪل ڏني آهي.پنهنجي بيان ۾ آءِ ايس پي آر چيو ته بهترين دماغن سخت چئلينجن باوجود ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، هٿياربند فوج اهڙن جوانن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي سلام پيش ڪري ٿي، هي وطن سدائين قائم رهندو، پاڪستان زنده آباد.










