اردگان ترڪي جو ٻيهر صدر چونڊجي ويو،حامين جو جشن

اردگان ترڪي جو ٻيهر صدر چونڊجي ويو،حامين جو جشن

استبول (ويب ڊيسڪ) ترڪي جي صدارتي چونڊن جي آخري مرحلي ۾ صدر رجب طيب اردگان فتح حاصل ڪري ايندڙ 5 سالن لاءِ ٻيهر صدر چونڊجي ويو.ترڪي ۾ صدارتي چونڊن جي آخري مرحلي ۾ پولنگ اڄ مقامي وقت موجب صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهي.پولنگ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي ۽ هن وقت تائين 98.06 سيڪڙو ووٽن جي ڳڻپ ٿي چڪي آهي.هن وقت تائين جاري ڪيل نتيجن موجب صدر اردوغان 52.12 سيڪڙو ووٽن سان اڳتي آهي جڏهن ته مخالف اميدوار ڪمال ڪليچ ڊاروگلو 47.88 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.هن وقت تائين جي نتيجن موجب صدر رجب طيب اردوان 2 ڪروڙ 68 لک 37 هزار 84 ووٽ حاصل ڪيا آهن جڏهن ته مخالف اميدوار ڪمال ڪليڪ ڊاروگلو 2 ڪروڙ 46 لک 54 هزار 839 ووٽ حاصل ڪيا آهن.صدارتي چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ 85 سيڪڙو کان وڌيڪ رهيو. ان کان علاوه اوورسيز ووٽن جي ڳڻپ به جاري آهي.ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ ووٽ حاصل ڪندڙ اميدوار کي ڪامياب قرار ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو