ايجنسين پلاننگ جون ڳالهيون پڪڙيون انهن تي اڄ رات عمل ٿيڻو هو

ايجنسين پلاننگ جون ڳالهيون پڪڙيون انهن تي اڄ رات عمل ٿيڻو هو

فيصل آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله انڪشاف ڪيو آهي ته ملڪي ايجنسين هڪ ڳالهه ٻولهه کي روڪيو آهي جنهن ۾ ٻه منصوبا ٺاهي رهيا هئا ۽ اڄ رات ان تي عمل ٿيڻو هو.هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ملڪ جي ايجنسين هڪ ڳالهه ٻولهه کي پڪڙي ورتو آهي جنهن ۾ ٻن قسمن جي پلاننگ ڪئي پئي وڃي ۽ ان تي اڄ رات عمل ٿيڻو هو.هن چيو ته ڳالهه ٻولهه پي ٽي آءِ اڳواڻ جي گهر تي ڇاپي سان لاڳاپيل هئي ۽ ٻيو ڊرامو جنسي ڏاڍائي جو هو. جنهن جو مقصد ريپ ايڪٽ جو الزام قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي لڳائڻ ۽ ريپ ايڪٽ جي معاملي کي عالمي سطح تي اٿارڻ هو.هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ جي گهر تي رٿيل ڇاپي دوران فائرنگ ٿي سگهي ٿي. هنن هاڻي تمام گھڻا ڊرامو رچائڻ جي رٿابندي ڪئي آهي، عمراني فتني جو مقصد عوام کي گمراهه ڪرڻ هو.ڊرامو اڄ رات ٿيڻو هو پر ايجنسين بروقت ناڪام بڻائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو