ڏوڪري عدالت ۾ فائرنگ، طلاق ڪيس جي ٻڌڻي تي پهتل ناري قتل

ڏوڪري عدالت ۾ فائرنگ، طلاق ڪيس جي ٻڌڻي تي پهتل ناري قتل

ڏوڪري (ن س) ڏوڪري جي عدالت ۾ فائرنگ، طلاق ڪيس جي ٻڌڻي تي پهتل ناري قتل ٿي وئي. عورت جي سڃاڻپ بينظير ڪالوني واسڻ 23 ورهين جي تهمينا سانگهرو مارجي وئي. مقتولا ناري جي والد محمد صالح سانگهرو جو چوڻ آهي ته ڌيءَ طلاق جي ڪيس ۾ عدالت آئي هئي، کيس ڏير اياز جتوئي ۽ ٻين جوابدارن قتل ڪيو آهي. ٻئي پاسي ڏوڪري جي عدالت ۾ قتل ٿيل ناري جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران واقعي جو نوٽيس ورتو، ناري تهمينا سانگهرو جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال آندو ويو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو واقعي جو نوٽيس وٺندي ڏوڪري پوليس کي جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو