لاهور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين قومي سطح تي نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب جهانگير ترين پاڻ هن نئين سياسي پارٽي جو سرپرست اعليٰ هوندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ترين گروپ کان علاوه پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي نااهل اڳواڻن جي به نئين سياسي پارٽي ۾ شموليت جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي جي خان، راجن پور، مظفر ڳڙهه، وهاري، لوڌران ۽ ملتان جي سياسي خاندانن جو به جهانگير ترين جي نئين پارٽي ۾ شموليت جو امڪان آهي.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته نئين سياسي پارٽي ۾ شموليت لاءِ سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جا اهم اڳواڻ جهانگير ترين سان رابطي ۾ آهن.










