راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير پاڪستان جي شهيدن جي ڏهاڙي تي اسڪول جي ٻارن سان غير رسمي ملاقات ڪئي. آرمي چيف جنرل عاصم منير شهيدن جي ٻارن سان پڻ ملاقات ڪئي.جنرل عاصم منير اسڪولن جي سربراهن ۽ شهيدن جي ٻارن تي شفقت جو هٿ رکيو.ان موقعي تي هن چيو ته پاڪ فوج شهيدن جي اولاد جي وارث آهي، شهيدن جي لازوال قربانين جي ڪري اوهان سان اسان جو رشتو مثالي آهي ۽ هميشه قائم رهندو.آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پاڪ فوج هميشه اوهان سان گڏ بيٺل رهندي.










