دانڌاري (پ_ر) 22 مئي محبت سنڌ ريلي جي شهيد عبدالستار انڙ جي يارهين ورسي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي طرفان ڌانڌاري شهر ۾ ملهائي وئي. 12 مئي ۽ 22 مئي تي قتلام ڪندڙ دهشتگرد گروه ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن کي گرفتار ڪري انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. پروگرام ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، علي محمد پرويز، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر مٺا خان لاشاري، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر اعتزاز گائينچو، نور نبي پليجو، رياض عباسي، بلاول لاشاري، رزاق چانڊيو، نور احمد انڙ، سنڌ ڪلچر فورم جي چيئرمين صادق لاکو، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ڌڻي بخش نوحاڻي، انور پالاري، مسحود انور پليجو، ساگر پرهياڙ، شاه محمد چانگ، مجاهد بلوچ، اللہ بخش بلوچ، رب ڏنو نوحاڻي، اسلم سمون، درياء خان جت، نور محمد ڪنڀار ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن دانڌاري شهر کان شهيد عبدالستار انڙ جي مزار تائين ريلي ڪڍي شهيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي کيس سلامي ڏني جنهن کانپوء جلسي عام کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد عبدالستار انڙ، شهيد غزالا بتول صديقي، شهيد شبير بليدي ۽ ٻين شهيدن کي اسين سرخ سلام پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي زندگيء جا نذرانا ڏئي سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن کي ناڪام بنايو. اڳواڻن ڳالھائيندي وڌيڪ چيو ته عالمي سامراجي قوتن جي ايجنٽ ايم ڪيو ايم بينگاھ معصوم انسانن جي قتلام، بلديه فيڪٽري کي باھ ڏئي مزدورن کي ساڙيندڙ ڀتا خوري سميت ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث آهي. عالمي سامراجي ايجنٽن ۽ ملڪ دشمن ھٿياربند نسلي گروھن جو خاتمو ڪرڻ بدران حُڪمران اقتداري لالچ ۾ انھن قاتلن ۽ جلادن سان ٺاھ ڪري کين مچائي مواڙ ڪندا ۽ ملڪ مٿان مسلط ڪندا رھيا آھن. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته 12 مئي ۽ 22 جي قتل عام ۾ ملوث دھشتگردن کي سخت سزائون ڏيڻ ۽ بيگناھ شھيد ڪيل ماڻھن سان انصاف ڪري قانون جي حڪمراني۽ بالادستي قائم ڪرڻ بدران حڪومت ۾ شامل ڪري وري به ساڳين قاتلن کي عوام مٿان سوار ڪري قتل ڪرڻ پروانو ڏنو ويو آهي، جيڪو عمل عوام دشمن ۽ ملڪ دشمن آهي. پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم جهڙن دهشتگردن جي فرمائش تي ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي ملڪي سالميت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. بوگس ڊجيٽل آدمشماري، سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ پرڏيهي دهشتگردن کي سنڌين ۽ ملڪ مٿان مسلط ڪرڻ جي سازش آھي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته عالمي سامراجي قوتن پيپلز پارٽي جي سهولتڪاري ۾ غيرجمهوري قوتن سان گڏجي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جا شهر دهشتگردن ۽ ٻهراڙيون ڌاڙيلن حوالي ڪيون آهن. سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي نه ھجڻ ڪري ڪربلا وارو منظر آھي ته ٻئي پاسي ٻه ڌاڙيل واھ تونسه_پنجند ۽ چشما_جھلم لنڪ ڪئنال زور زبردستي وھائي سنڌ جي حصي پتيء جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي. ارسا جو ادارو عملن سنڌ دشمن ۽ ھڪڙي صوبي پنجاب جي نمائندگي ڪري ٿو. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي سامونڊي پٽي تي قبضو ڪيو پيو وڃي.ترقي جي نالي ۾ ذوالفقار آباد، ڊي ايڇ اي، بحريا ٽائون، ملٽي نيشنل ڪمپنين، ونڊ پاور ڪمپنين جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙزمينن تي زبردستي قبضو ڪيو ويو آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ جي عوام کي اليڪشني اقتداري پارٽين جي پٺيان لڳڻ ۽ انھن تي ڀاڙڻ بدران پنھنجي قومي وجود ۽ وسيلن کي بچائڻ لاء متحد ۽ منظم ٿي پرامن جمھوري جدوجھد جاري رکڻ گهرجي.










