ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر ۽ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي،انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 8 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 285 رپيا 90 پئسا ٿي ويو گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 285 رپيا 82 پئسا تي بند ٿيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ منفي ڪاروباري رجحان ڏٺو ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 251 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 41348 تي اچي ويو گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ 100 انڊيڪس 41,599 پوائنٽس تي بند ٿيو.










