حيدرآباد ( پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته پاڻي کان سواء زندگي جو تصور ممڪن ناھي، ان باوجود سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو آھي۔ ارسا مٿان کان ئي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ سھولت ڪار بنيل آھي۔ پنجاب سدائين سنڌ جي پاڻ تي ڌاڙا ھنيا آھن۔ تونسا پنجند ۽ چشما جھلم ڪئنال ٻوڏ جي صورت ۾ سنڌ جي اجازت سان وھائڻا آھن پر پنجاب سمورن قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي 12 مھينا ڌاڙيل واھن ذريعي سنڌ جو پاڻي زبردستي کڻي رھيو آھي۔ جنھن ڪري سنڌ جون زمينون بنجر ٿي ويون آھن۔ سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ آھي۔ فصلن لاء پاڻي ناھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ اڃان تائين سنڌ ۾ سارين جو ٻيجارو پوکجي نہ سگھيو آهي زراعت کي ڪاپاري نقصان ٿيندو، سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ ڌاڙيل واھ بند ڪيا وڃن۔ سنڌ کي ملندڙ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪئي وڃي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي حصي جو پاڻي نہ ملڻ ڪري سمنڊ ٺٽو سجاول، بدين جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. ڪوٽڙي کان ھيٺ سنڌو درياھ ۾ پاڻي ڇوڙ نہ ٿيڻ ڪري درياھ جي ٻنھي پاسن تي ويٺل لکين آبادي برباد ٿي وئي آھي خوشحال ماڻھو بدحال ٿي ويا آھن مڇي سميت ٻي آبي جيوت ختم ٿي وئي آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ حصي جو پاڻي نہ ڏئي سنڌ جو معاشي قتل ڪيو ويو آھي. سڄي سنڌ ۾ لکين آباد زمينون بنجر ٿي ويون آھن. انڊس رور سسٽم ۾ ضرورت جيترو پاڻي ناھي، جيڪو پاڻي موجود آھي، ان تي پنجاب جو قبضو آھي، عالمي قانون تحت پاڻي تي پھريون حق پڇڙي وارن جو آھي پر افسوس جو سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، فوري طور تي پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي ۽ پاڻي فراھم ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا ضلعا سردارن ۽ وڏيرن کي جاگيرون بنائي ڏنا ويا آھن، جتي عوام جي دولت جي ڦرلٽ ٿي رھي آھي.










