ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اليڪشن سيل جي انچارج سينيئر اڳواڻ سينيٽر تاج حيدر چيو آهي ته پيپلزپارٽي اليڪشن لاءِ منشور تيار ڪري ڇڏيو آهي جيڪي عوامي طاقتون آهن اهي اليڪشن ئي چاهين ٿيون ان لاءِ وقت تي اليڪشن ٿيڻ گهرجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته (ن) ليگ جي جيڪا به پاليسي هجي پر پيپلزپارٽي ڇو حڪومت جي ايڪسٽيشن چاهيندي جيڪڏهن (ن) ليگ ايڪسٽينشن ڏانهن ويندي ته ان جي پارٽي اندر به مسئلو ٿيندو هن چيو ته پارٽي عوامي حمايت تي هلنديون آهن ۽ جيڪڏهن ان کان سواءِ ڪجهه ڪنديون ته انهن جو حال به پي ٽي آئي وارو ٿيندو اسان ته اليڪشن لاءِ منشور جي گائيڊ لائينز به تيار ڪري ورتي آهي اسان جي منشور ۾ مفاهمت معاشي بحالي سوشل سيڪٽر دهشتگردي جو انت شامل آهي تقسيم کي ختم ڪرڻ اسان جو منشور آهي هن چيو ته اڳ به اسان جي مفاهمت تي تنقيد ٿي پر انهيءَ ڪري اسان 18هين ترميم پاس ڪئي سياسي پارٽي تي پابندي جي حق ۾ نه آهيون پارٽي جي سياسي ۽ عسڪري ونگ کي الڳ رکو اسان دهشتگردن سان نه سياسي ونگ سان ڳالهيون ڪريون ٿا سياست سان استحڪام اچي ٿو ۽ انڊر اسٽينڊنگ ٿيندي آهي.










