ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڇنڇر جي شام شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، دوري دوران صوبائي ڪابينا جا ميمبر ناصر حسين شاهه، بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، شرجيل انعام ميمڻ، قاسم نويد قمر پڻ وڏي وزير سان گڏ هئا، جڏهن ته سينٽرل ضلعي ۾ ايم. ڪي ڊي اي چورنگي نورجهان هاءِ وي تي هلندڙ ترقياتي ڪمن جو معائنو ڪيو، سنڌ جي وڏي وزير سينٽرل ضلعي جي مختلف ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو، هن قلندري چوڪ تي هلندڙ فلائي اوور جي ڪم تي به تنقيد ڪئي. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين، ضلعي صدر مسرورحسن، دل محمد، سينٽرل ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر شهزاد مجيد ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. سيد مراد علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي ڪراچي شهر جي ترقي چاهي ٿي، شهر جا مسئلا حل ڪرڻ چاهيون ٿا، عوامي خدمت جو هي سفر جاري رکنداسين. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهر ۾ ترقياتي ڪم وقت تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.










