واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي اڳوڻي قومي سلامتي واري صلاحڪار جان بولٽن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي.جان بولٽن چيو ته عمران خان جو علاج پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن ۾ رڪاوٽون ۽ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي، شهرين جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ نه هلايا وڃن.هن چيو ته پاڪستان ۾ تشدد ۽ عدم استحڪام جو تسلسل ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي.ٻئي طرف ڪينيڊا جي 16 پارليامينٽ ميمبرن به پاڪستان جي صورتحال تي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو کي خط لکيو آهي.خط ۾ پاڪستان ۾ پرامن احتجاج جي اجازت ڏيڻ تي زور ڏيندي پاڪستان ۾ تشدد جي سمورن واقعن جي مذمت ڪئي وئي آهي.










