لاهور (ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان رات دير سان طبيعت خراب ٿيڻ کانپوءِ چيڪ اپ لاءِ شوڪت خانم اسپتال پهتو.ذريعن موجب عمران خان کي منجهند کان ئي پيٽ ۾ تڪليف محسوس ٿي رهي هئي.عمران خان کي رات دير سان سخت سڪيورٽي ۾ شوکت خانم اسپتال آندو ويو جتي سندس طبي معائنو تقريباً 4 ڪلاڪ جاري رهيو.عمران خان طبي معائنو ڪرڻ بعد شوکت خانم اسپتال مان پنهنجي رهائشگاهه زمان پارڪ روانو ٿي ويو.










