ڊاڪٽر امجد به پي ٽي آئي کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا

ڊاڪٽر امجد به پي ٽي آئي کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ ڊاڪٽر امجد به پارٽي کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر امجد پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو، هو ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات سان گڏوگڏ عمران خان جو ٽريڊ يونينز بابت فوڪل پرسن ۽ سينٽرل ڪور ڪميٽي جو ميمبر به هو.هن چيو ته جيڪڏهن توهان جي ڪم سان ملڪ جو عوام پريشان ٿئي ته اهو درست ناهي، انصاف ۽ اصول پسندي پاڻ تحريڪ انصاف ۾ ناهي، ڪجهه ماڻهن عمران خان کي گهيري ۾ ورتو آهي. سندس چوڻ هو ته 9 مئي تي دهشتگردي جا واقعا ٿيا، اسان شهيدن جي تصويرن ۽ يادگارن تي حملا ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو