واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)هالي ووڊ اداڪار جاني ڊيپ پنهنجي نئين فلم ”جين دو باري“ جي پريس ڪانفرنس ۾ 40 منٽ دير سان پهتو.پريس ڪانفرنس ڪانز فلم فيسٽيول ۾ منعقد ڪئي وئي جتي اداڪار هڪ فوٽو سيشن ڪرڻ وارو هو.هو ٽريفڪ ۾ ڦاسي پيو ۽ سندس نه اچڻ سبب ڪانفرنس 27 منٽ دير سان شروع ٿي.منتظمين 27 منٽن تائين انتظار ڪندا رهيا، جڏهن جوني ڊيپ نه پهتو ته ڪانفرنس شروع ڪئي وئي.ميون جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم ’جين دو باري‘ ۾ جاني ڪنگ لوئس 15 جو ڪردار ادا ڪيو آهي.تقريب ۾ دير سان پهچڻ سبب فوٽو سيشن به ختم ٿي ويو.فوٽوگرافرن کي ٻڌايو ويو ته اداڪار ٻئي شام ۾ تصويرون وٺڻ لاء ايندا.










