9 مئي کي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي:شازيه مري

9 مئي کي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي:شازيه مري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن شازيه عطا مري ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون واري صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته 9 مئي کي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. 9 مئي تي شرپسند گروپن لاقانونيت ڪئي، پاڪستان جي ملڪيتن، حساس ادارن جي تنصيبن کي نقصان پهچايو ويو انهن سان سختي وارو معاملو اختيار ڪيو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙو بزدلاڻو عمل نه ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. شازيه عطا مري چيو ته اهو ڏکوئيندڙ ڏينهن هو. قوم سمجھي ٿي ته اهڙي قسم جي شرپسندي پکيڙيندڙن سان سختي سان پيش آيو وڃي. ٻي صورت ۾ اهي ڪارروايون معمول بڻجي سگهن ٿيون. پاڪستاني عوام، شهرين، فوجي دستن هميشه امن لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، هڪ شخص جنهن طريقي سان ماڻهن کي ڀڙڪايو، سڀني ميڊيا وٽ اهي وڊيوز موجود آهن. هي شخص تباهي پکيڙڻ لاءِ پيغام موڪليندو رهيو هن ماڻهن کي تباهه ڪرڻ جو پيغام ڏنو. هي شخص مسلسل عوام کي ڀڙڪائيندو رهيو اهو شخص ادارن کي ڌمڪيون ڏيندو رهيو آهي ته جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿيو ته ان جا خراب نتيجا نڪرندا، اهو الله جو فضل آهي اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان جي قيام لاءِ سڀ کان پهريون ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو، جيڪڏهن عمران نيازي سمجهي ٿو ته پاڪستان کي نقصان پهچائڻ تي خاموش رهنداسين ته ائين ناهي اسان پهريان پاڪستان آهيون، پوءِ ڪنهن سياسي پارٽي جو حصو آهيون. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان نيازي جي انا لاءِ ملڪ کي تباهه ٿيڻ نه ڏينداسين، عمران نيازي غير جمهوري رويو اختيار ڪيو آهي، هن ضدي شخص ڳالھ ٻولھ جا سمورا مرحلا خراب ڪري ڇڏيا. جيڪا سندس پارٽيءَ جي ماڻهن ويهي ڪئي هئي 9 مئي جو ظلم منظم حڪمت عملي سان ڪيو ويو، پاڪستان جو جهنڊو ساڙيو ويو. جيئري جانورن کي ساڙيو ويو، پيپلز پارٽي پاڻ احتجاج ۾ يقين رکي ٿي جيل ڏٺا، لٺيون کاڌيون، اسان جي ايم اين ايز سان سندن پيشي تي تشدد ڪيو ويو. اسان هميشه آئيني رستو اختيار ڪيو آهي جڏهن به مخالف ڌر ۾ آياسين ته تاريخ ۾ ڪڏهن به پرتشدد احتجاج ناهي ڪيو. عمران خان کي معلوم هجڻ گهرجي ته جهاد ۽ ڪرپشن ۾ فرق آهي هي جهاد ناهي، رڳو فساد آهي. هي فساد نه ته پوءِ ڇا آهي، شهيد فوجين جيڪي قربانيون ڏنون انهن جي يادگارن کي ڊاهيو ويو. ايم ايم عالم دشمن جا 6 جهاز ڪيرايا هئا ۽ سندس جهاز ڄاڻي واڻي ساڙيو ويو، عمران خان ڪهڙو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي؟ اسان پنهنجي شهيدن جو قدر ڪريون ٿا، جناح هائوس ۽ ٻين حساس هنڌن تي حملا ڪيا ويا انجي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، سياسي اختلافن ۾ ملڪ خلاف نه ٿا ڳالهائي سگهون، اسان پاڪستان کپي جو نعرو هڻي مثال قائم ڪيو هو. شازيه مري چيو ته عمران نيازي جڏهن وزيراعظم بڻجي پاڪستان کان ٻاهر ويو ته اتي به سياسي قيادت کي نشانو بڻايو. توکي پرڏيهه وڃي ماڻهن کي خراب چوڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ هي توهان کي پاڪستان کي باهه ڏيڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي پهرين ته هي ماڻهو ڀڙڪائي ٿو ۽ پوءِ واپس ٿي وڃي ٿو، اسان سمجهون ٿا ته ڳالهين ۾ ئي ملڪ جي مسئلن جو حل آهي عمران نيازي ان فساد مان نڪري پاڪستان جي استحڪام لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري دهشتگردي ۽ فساد پکيڙيندڙن کي پڪڙڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته عمران خان جي چوڻ تي جيڪو ڪجھ ٿيو ته اهو احتجاج نه پر دهشتگردي آهي. مان سڀني شرپسندن کي چوندس ته جيڪڏهن توهان سياست ۾ يقين رکو ٿا ته ياد رکو جيڪڏهن پاڪستان آهي ته اسان آهيون، اهو سمجهڻ ضروري آهي ته ڏکئي وقت ۾ ماڻهو پنهنجي انا جي خاطر پاڻ کي نقصان نه پهچائيندو آهي، سڄي دنيا جي سياسي قيادت پنهنجي ڪارڪنن ذريعي پاڻ کي ظاهر ڪندي آهي قيادت جيل به ويندي آهي، دنيا ۾ ڪو به اهڙو مثال ناهي ته پاڻ مهانگي گاڏي ۾ نڪري وڃون ۽ ڪارڪنن کي چئو ته توهان گرفتار ٿي وڃون. مان عوام کي اهو آئينو ڏيکارڻ چاهيان ٿو، تحريڪ انصاف جي ٻين اڳواڻن کي سوچڻو پوندو ته اهي ان شخص جي خاطر ملڪ کي نقصان پهچائڻ لاءِ ٻاهر آيا آهن. هن کي پاڻ سان ايترو عشقآهي جو هو پاڻ کي بچائي ٿو ۽ ٻين کي چوي ٿو ته انهن کي رکو. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته جيڪو شخص پنهنجن جو ناهي ، اهو 22 ڪروڙ عوام جو ڇا ٿيندو؟ چيف جسٽس کي گذارش آهي ته هي سمورو مسئلو عمران خان جي زات جو آهي، نه ته اهو هر ڪنهن لاءِ هجڻ گهرجي. عمران خان چيف جسٽس کي درخواست ڪري ته هڪ درخواست داخل ڪري نادرا مان سندس نالو هٽائي ان جي جاءِ تي وزيراعظم جو نالو لڳايو وڃي. شازيه مري چيو ته اڄ به اسان جي دل وڏي آهي ڇو ته اها پاڪستان بابت آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته عمران ڌيڪ فساد ختم ڪري ۽ ڳالهين ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو انسان ڪنهن به وقت سڌري سگهي ٿو. پر پوءِ به پي ٽي آءِ پنهنجي سياست کي زنده رکڻ چاهي ٿي ته پوءِ دهشتگردي نه پر سياست ڪري. مرتضيٰ وهاب چيو ته جڏهن هو اقتدار ۾ هو ۽ هاڻي جڏهن ناهي رهيو ته اهڙيون ڳالهيون ڪندو آهي ، دال ۾ ڪجهه ڪارو نه پر پوري دال ئي ڪاري آهي. پرڏيهي فنڊنگ سان، هي شخص هتي ڪجهه ٻيو ڪري رهيو آهي. هڪ سال ٿي ويو آهي جڏهن هن کي پرڏيهي فنڊنگ ۾ شوڪاز مليل آهي هن جواب نه ڏنو. اهو سچ آهي ته ماڻهو مهانگائي کان تمام گهڻو متاثر آهن. موقعو ملندي ئي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي بي آءِ ايس پي پروگرام ذريعي 28 لک خاندانن کي رقم فراهم ڪئي ويندي، ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي ڪم جاري آهي. اسان اڄ چار سالن جي ملبي کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ ڪجهه وقت لڳندو، پارليامينٽ اهو ادارو آهي جيڪو قانون ٺاهي ٿو، جج آئيني عمل ذريعي ايندا آهن. اسيمبلي ۾ ميمبر عوام جي ووٽن سان ايندا آهن. اسان چار فوجي ڊڪٽيٽر ڀوڳيا آهن، پوءِ هڪ پلانٽيڊ ماڻهو ڀوڳي رهيا آهيون، هڪ ملزم چيو وي هو ته GOOD TO SEE YOU, ڇا اهو رويو فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري سان اختيار ڪيو ويو؟ فريال ٽالپر صاحبه جي ڪهڙي ريت توهين ڪئي وئي؟ هن کي ڪيئن گرفتار ڪيو ويو ۽ بيمار جي حالت ۾ اسپتال مان کنيون ويو؟ آغا سراج دراني، شرجيل ميمڻ سان اهڙو رويو هو؟ بلڪل نه، پر انهن اڳواڻن کي تذليل ڪئي وئي. عدالتي قتل ٿيو ، هي عدالت جيڪو ڪجھ ڪيو آهي، ڪرسي تي ويهي پنهنجي عزت ڪرائڻي پوندي، عدالت نه رڳو توهين عدالت جي قانون کان محفوظ آهي. پاڪستان ۾ ڪيترائي قانون جيڪي پهرين اچڻ گھرجن ها هاڻ اچي رهيا آهن ۽ باقي به ايندا. عمران خان دهشتگردي نه پر سياست ڪرڻ گھرجي، عمران خان جيڪا شهيدن جي بي عزتي ڪرائي آهي ان تي کيس معافي وٺڻي پوندي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ٻٽو معيار ان ڏينهن کان شروع ٿيو جنهن ڏينهن عمران خان آزاد ٿيو. علي زيدي سياسي ليڊر آهي، اسان ٻٽو معيار نٿا اختيار ڪريون. علي زيدي کي گرفتار ڪري جيڪب آباد منتقل ڪرڻو هو. هن کي ڪجهه صحت جا مسئلا هئا ۽ جڏهن درخواست آئي ته هن جي گهر کي جيل قرار ڏنو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو