ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خرم شير زمان جي ريسٽورنٽ کي سيل ڪيو ويو آهي.سنڌ فوڊ اٿارٽي موجب ناقص صفائي ۽ ناقص کاڌي تي ريسٽورنٽ سيل ڪيو ويو. خرم شير زمان ريسٽورنٽ سيل ڪرڻ جو الزام سنڌ پوليس تي لڳايو آهي.ٻئي طرف سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم ڏکڻ ضلعي ۾ وڌيڪ 2 ريسٽورنٽ کي سيل ڪري ڇڏيو.










