لاڙڪاڻو (بيورو) سنڌ صحافي سنگت جي آفيس جي نائب قاصد گدا حسين ميمڻ کي نا معلوم ماڻهن آفيس تي حملو ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو . جنهن کي صحافي اسپتال کڻائي آيا ۽ ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل آهي، جتي سندس علاج ڪيو پيو وڃي. لاڙڪاڻي جي صحافي سنگت پاران حملي جي مذمت ڪندي ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو حملو ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڏياري.










