ڀارت تي دٻاءُ وجهو،آمريڪي سينيٽرن جو سفيرن کي خط

ڀارت تي دٻاءُ وجهو،آمريڪي سينيٽرن جو سفيرن کي خط

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي صورتحال تي 6 آمريڪي سينيٽرن پاران نئيس دلي ۾ تعينات آمريڪي سفيرڪينٿ جسٽر ۽ پاڪستان ۾ آمريڪي ناظم الامور پال جونزکي خط لکي ڇڏيا.آهن. آمريڪي سينيٽرن خط ۾ ڪشمير جي صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خط لکڻ وارن سينيٽرن ۾ الهان عمر،رال ايم گريجلوا،اينڊي ليون،جيمز مڪ گورن،ٽيڊليو،ڊونلڊ بيئر ۽ ايلن لو اينٿل شامل آهن،سينيٽرن خط ۾ لکيو آهي ته هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصي کان ڀارت جي حڪومت ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مواصلاتي رابطا بند ڪري رکيا آهن ۽ ڀارتي حڪومت جو هي رويو ۽ هيءَ روش جمهوري ۽ انساني حقن جي ابتڙ آهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو،اظهار جي راءِ جي آزادي، ميل جول گڏجاڻين، ۽ چرپر تي بندشون سڀئي ناقابل قبول پابنديون آهن. ڪشمير کان اصل حقيقتن ۽ خبرن کي ٻاهر نه ٿو اچڻ ڏنو وڃي ۽ وڏي تعداد ۾ جبري گرفتاريون،محرومي، سياسي ۽ مقامي اڳواڻن جي گرفتارين جا به اطلاع آهن. سينيٽرن جي مطابق انساني حقن جي عالمي تنظيمن به ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي الرٽ جاري ڪيا آهن، جينو سائيڊ واچ جي ڪشمير ۾ نسل ڪشي جي الرٽ تي اسانکي به افسوس ۽ ڳڻتي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته هن سموري صورتحال کان پاڪستان ۽ ڀارت جا تعلقات وڌيڪ خراب ٿيڻ جو به خدشو آهي، موجوده خطرناڪ صورتحال پوري دنيا ۽ آمريڪا جي لاءِ به خطرو آهي، پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي اسانجا اهم اتحادي آهن،انڪري توهان ٻئي پنهنجي اختيار جي دائري مطابق ڪشمير جي مسئلي ۾ هر ممڪن مدد ڪيو. آمريڪي سينيٽرن مطالبو ڪيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لڳايل پابنديون ختم ڪرڻ، صحافين جي وادي ۾ پهچ، غير قانوني حراست ۾ قيد ڪشميرين جي آزادي، انساني حقن جي آزاداڻه طريقي سان تحقيقن، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ چڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ ڪشميرين کي حق خود اراديت ڏيارڻ جي لاءِ به ڀارتي حڪومت تي زور ڏيو. ياد رهي ته ڀارت جي طرفان مقبوضه ڪشمير ۾ 42 ڏينهن کان لڳاتار لاڪ ڊائون جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ وادي ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي،مقبوضه وادي ۾ ٻارن جي کير، دوائن ۽ ٻين ضرورت جي شين جي به شديدکوٽ آهي، جڏهن ته ٽيليفون،موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس به بند آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو