وارھ (طالب حسين چانڊيو) ڪيلن جو واپاري 48 ورهين جو منور سولنگي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو جنهن سبب فوتي جي گهر ۾ قهرام مچي ويو. واضح رهي ته منور سولنگي راڌڻ شھر جو رهواسي هيو جيڪو ٽن سالن کان وارھ ۾ ڪيلن جو ڪاروبار ڪندو هيو ۽ وارھ جي وارڊ نمبر 4 ۾ گهرڀاتين سميت رهندو هيو. منجهند گهر۾ بجلي ٺاهيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو جنهن جو لاش وارث اباڻي شھر راڌڻ کڻائي ويا.










