ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي چڙيا گهر جي بيمار هاٿڻ نورجهان جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ان کي ڊرپ لڳائي وئي آهي ۽ انتظاميه پرڏيهي اين جي او سان رابطو ڪيو آهي تفصيل موجب ڪراچي جي چڙياگهر جي بيمار هاٿڻ نورجهان جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ ان جي علاج ۽ سارسنڀال بابت زو انتظاميه پرڏيهي اين جي او سان رابطو ڪري ورتو آهي چڙيا گهر جي ذريعن ٻڌايو ته ڊاڪٽرز گذريل رات کان نورجهان کي مختلف دوائون ڏئي رهيا آهن هاٿڻ کي ملٽي وٽامن جون ڊرپون لڳايون پيون وڃن واضح رهي ته نورجهان گذريل ڪيترن ئي عرصي کان بيمار آهي گذريل ڏينهن هو پنهنجي تلاء ۾ ويهي رهي هئي جنهن کي ڪرين جي ذريعي ٻاهر ڪڍيو ويو هو طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته هاٿڻ گهڻي وقت تائين نٿي ويهي سگهي.










